نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي دولت مشترڪه جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس (يو اين جي اي) جي موقعي تي دولت مشترڪه جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، علائقائي امن ۽ ترقي جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس (يو اين جي اي) جي موقعي تي دولت مشترڪه جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، علائقائي امن ۽ ترقي جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر رياستن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن گذريل سال سندس  پاڪستان جي ڪامياب دوري جو پڻ ذڪر ڪيو، جنهن سان گڏيل لاڳاپا جديد بنيادن تي قائم ٿيا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي، علائقائي امن ۽ ترقي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان پاران خطي ۾ پرامن تعاون جي لاءِ پرعزم جو ورجاءُ ڪيو. اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ علائقائي امن ۽ ترقي جي قدمن جي سلسلي ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي فعال ڪردار کي ساراهيو.

مزید خبریں