نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عبوري افغان حڪومت دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان پاڪستان جو پرامن افغانستان سان سڌوسنئون تعلق آهي، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جو راز علائقائي استحڪام ۽ رابطي ۾ …
عبوري افغان حڪومت دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عبوري افغان حڪومت دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان پاڪستان جو پرامن افغانستان سان سڌوسنئون تعلق آهي، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جو راز علائقائي استحڪام ۽ رابطي ۾ لڪل آهي، پاڪستان سمورن حصيدارن سان گڏجي انساني بنيادن تي امداد، معاشي بحالي ۽ افغانستان ۾ هڪ جامع سياسي فريم ورڪ جي حوصلا افزائي جي لاءِ مصروف عمل آهي، عبوري افغان حڪومت کي عورتن جي حقن سميت انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته اها دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي.











