نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي، اسان جا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهيا آهن، اسان ان جنگ کي آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکنداسين. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان ٻن ڏهاڪن …
پاڪستان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي، اسان جا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي خلاف وڙهي رهيا آهن، اسان ان جنگ کي آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکنداسين. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين ملڪ جي طور تي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 90 هزار جانين جي قرباني ڏئي چڪو آهي جن ۾ اسان جون عورتون، ٻار، بزرگ، ڊاڪٽر، انجنيئرز ۽ ٻيا شامل آهن، نيويارڪ، لنڊن، لاهور ۽ دنيا جي ڪنهن به جاءِ تي ڪنهن جي به زندگي وٺڻ ساڳئي ڳالهه آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي انهن قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي جي ڪري پاڪستان 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪري چڪو آهي، اڄ اسان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي، ٽي ٽي پي، فتنه الخوارج، فتنه الهندستان، بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اهي گروهه افغان سرزمين تان آپريٽ ڪن ٿا ۽ جعفر ايڪسپريس جهڙن افسوسناڪ حملن جا ذميوار آهن جنهن کي يرغمال بڻايو ويو پر اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري يرغمالين کي آزاد ڪرايو ۽ دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچايو. وزيراعظم چيو ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا انهن دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن ۽ اسان ان جنگ کي آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکنداسين.











