سڀ کان ننڍا تابوت سڀ کان وڌيڪ ڳرا هوندا آهن، اسان هند رجب کي بچائي نه سگهياسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڀ کان ننڍا تابوت سڀ کان وڌيڪ ڳرا هوندا آهن، منهنجو ۽ پوري مسلمان امت جو پر پوري انسانيت جو ڏک اهو آهي ته اسان هند رجب کي بچائي نه سگهياسين، تازي ڀارتي جارحيت جي دوران 7 سالا ارتضيٰ عباس جو ننڍڙو تابو مون به کنيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڀ کان ننڍا تابوت سڀ کان وڌيڪ ڳرا هوندا آهن، منهنجو ۽ پوري مسلمان امت جو پر پوري انسانيت جو ڏک اهو آهي ته اسان هند رجب کي بچائي نه سگهياسين، تازي ڀارتي جارحيت جي دوران 7 سالا ارتضيٰ عباس جو ننڍڙو تابو مون به کنيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀني ننڍڙي ٻارڙي هند رجب جو هانءُ ڏاريندڙ آواز ٻڌو جيڪا ملبي هيٺ دٻيل هُئي ۽ پنهنجي زندگي گهُري رهي هئي، ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته اها توهان جي ڌيءَ هجي؟ ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته ان تي رحم نه ڪيو وڃي؟ منهنجو ۽ پوري مسلمان امت جو پر پوري انسانيت جو ڏک اهو آهي ته اسان هند رجب کي بچائي نه سگهياسين جنهن تي هو اسان کي نه رڳو هن دنيا پر اڳئين جهان ۾ پڻ معاف نه ڪندي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته ”سڀ کان ننڍا تابوت سڀ کان وڌيڪ ڳرا هوندا آهن“، آئون ڄاڻان ٿو ڇو ته تازي ڀارتي جارحيت جي دوران 7 سالا ارتضيٰ عباس جو ننڍڙو تابوت مون به کنيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي انهن ٻارن کي ناڪام نه ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي.

مزید خبریں