نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند ۽ دُور انديش قيادت سان ممڪن ٿي، هو امن جو علمبردار آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان طاقت ۾ هجڻ جي باوجود جنگبندي تي راضي ٿياسين جيڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند ۽ دُور …
صدر ٽرمپ وقت تي مداخلت نه ڪري ها ته مڪمل جنگ جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هجن ها، اُن لاءِ ئي سندس نالو نوبل امن ايوارڊ جي لاءِ پيش ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند ۽ دُور انديش قيادت سان ممڪن ٿي، هو امن جو علمبردار آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان طاقت ۾ هجڻ جي باوجود جنگبندي تي راضي ٿياسين جيڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند ۽ دُور انديش قيادت سان ممڪن ٿي، اسان جنگبندي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ٽرمپ ۽ ان جي ٽيم کي ساراهيون ٿا، انهن جي ڪوششن هڪ وڏي خطرناڪ ٽڪراءُ کي ٽاري ڇڏيو، جيڪڏهن هو وقت سر ۽ فيصلائتي مداخلت نه ڪري ها ته مڪمل جنگ جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هجن ها، صدر ٽرمپ امن جو علمبردار آهي ۽ امن جي لاءِ سندس ڪوششن تي ئي پاڪستان نوبل امن ايوارڊ جي لاءِ ان جو نالو پيش ڪيو آهي.











