سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي اعلان جنگ جي برابر آهي: وزيراعظم شهباز شريف

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا کي ”اشتعال انگيز“ نه ”فعال“ قيادت جي ضرورت آهي، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي اعلان جنگ جي برابر آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ ڏاڍ جلد ختم ٿي ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا کي ”اشتعال انگيز“ نه ”فعال“ قيادت جي ضرورت آهي، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي اعلان جنگ جي برابر آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ ڏاڍ جلد ختم ٿي ويندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم نه رڳو ان معاهدي جي شقن پر عالمي قانون جي پڻ خلاف ورزي آهي، پاڪستان اها ڳالهه پوري طرح واضح ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هجي، اسان پاڻي تي پنهنجي 24 ڪروڙ آبادي جي نه ڇڏڻ جهڙي حق جو ڀرپور دفاع ڪنداسين، ان معاهدي جي خلاف ورزي اسان جي لاءِ اعلان جنگ جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته هو هن ايوان جي ذريعي ڪشميري عوام کي يقين ڏياري ٿو ته هو انهن سان گڏ بيٺل آهن، پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله جلد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿي ويندو، ڪشميري عوام هڪ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي گڏيل قومن جي نگراني ۾ پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪندي.

مزید خبریں