ڀارت جي مشڪلاتن ۾ واڌ، آمريڪا پاران دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن-26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ڀارت جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪا طرفان دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ کان علاوه ڪچن ڪيبينيٽس ۽ باٿ روم وينٽيز تي 50 سيڪڙو ۽ فرنيچر تي 30 سيڪڙو جڏهن ته هيوي ڊيوٽي ٽرڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل …

واشنگٽن-26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ڀارت جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪا طرفان دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ کان علاوه ڪچن ڪيبينيٽس ۽ باٿ روم وينٽيز تي 50 سيڪڙو ۽ فرنيچر تي 30 سيڪڙو جڏهن ته هيوي ڊيوٽي ٽرڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ پهرين آڪٽوبر کان فارماسيوٽيڪل جي درآمد تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو. ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ دوائن جا پلانٽ لڳائڻ سان ٽيرف ۾ ڇوٽ هوندي، هي ٽيڪس نَون سببن جي بنياد تي لڳايو پيو وڃي پر سڀ کان وڌي ڪري قومي سلامتي جي مفادن تحت اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. آمريڪا طرفان نَون ٽيرف سبب ڀارت جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو دنيا جي سڀ کان وڏو دواسازي برآمد ڪندڙن ۾ شامل آهي. ڀارتي رسالي انڊيا ٽو ڊي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هر سال تقريبن 10 ارب ڊالرن جي فارماسيوٽيڪل شيون آمريڪا کي برآمد ڪري ٿو. واضح رهي ته آمريڪا ڀارت مان ايندڙ شين تي اڳ ئي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري رکيو آهي جنهن سان ڀارتي روانگي واپار مشڪلاتن جو شڪار آهي.

مزید خبریں