پهرين آڪٽوبر کان مخصوص امپورٽ وارين شين تي نوان ٽيرف لڳايا ويندا: آمريڪي صدر جو اعلان

واشنگٽن-26 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان مخصوص مصنوعات جي آمدني واپار تي نوان ٽيرف لڳايا ويندا، جيڪي وڏي پئماني تي لڳايل ٽيڪسن کانسواءِ هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان اسان ڪنهن به برانڊيڊ يا پيٽنٽ ٿيل دواساز مصنوعات تي 100 …

واشنگٽن-26 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان سڄي دنيا جي مختلف ملڪن مان مخصوص مصنوعات جي آمدني واپار تي نوان ٽيرف لڳايا ويندا، جيڪي وڏي پئماني تي لڳايل ٽيڪسن کانسواءِ هوندا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان اسان ڪنهن به برانڊيڊ يا پيٽنٽ ٿيل دواساز مصنوعات تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳائينداسين، جيستائين لاڳاپيل ڪمپني آمريڪا ۾ پنهنجي دواسازي جي فيڪٽري تعمير نه ڪري رهي هجي، ان کان اڳ هڪ ٻي پوسٽ ۾ آمريڪي صدر چيو هو ته اسان پهرين آڪٽوبر کان ڪچن ڪيبينٽس، باٿ روم وينٽيز ۽ لاڳاپيل مصنوعات تي 50 سيڪڙو ٽيرف لڳائينداسين جڏهن ته گدن وارن فرنيچر تي 30 سيڪڙو ٽيرف وصول ڪيو ويندو.

مزید خبریں