وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هو

واشنگٽن ڊي سي - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ ملاقات ٿي. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو پڻ ملاقات ۾ …

واشنگٽن ڊي سي – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ ملاقات ٿي. آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات کان اڳ وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ هٿياربند فوج جي سربراهه جي اچڻ بابت صحافين کي پرجوش انداز ۾ آگاهه ڪيو ۽ انهن جي لاءِ تعريفي جملا ادا ڪيا. هن وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جو عظيم اڳواڻ شهباز شريف ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جو سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير ملاقات جي لاءِ اچي رهيا آهن، ٻئي بهترين شخصيتون آهن، مون کي پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي رهي آهي، هو خوبصورت اوول آفيس پهچي چڪا آهن، ٿوري دير ۾ انهن سان ملاقات ٿيندي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف جو آمريڪي صدر سان ملاقات جي لاءِ اينڊريو ايئربيس پهچڻ تي ريڊ ڪارپيٽ تي آمريڪي ايئر فورس جي اعليٰ عهديدار شاندار استقبال ڪيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم جو موٽرڪيڊ آمريڪي سيڪيورٽي جي گهيراءُ ۾ ايئربيس کان روانو ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ويل آهي جتي هو جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. واضح رهي ته وزيراعظم جي گذريل ڏينهن عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي پڻ آمريڪي صدر سان ملاقات ٿي هئي.