واشنگٽن - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات کان اڳ انهن جي لاءِ غيرمعمولي تعريفي جملا ادا ڪيا. صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ کين ٻڌايو ته پاڪستان جو وزيراعظم محمد شهباز شريف عظيم اڳواڻ ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بهترين شخصيت آهن، اهي ساڻس ملاقات جي لاءِ اچي رهيا آهن پر مون …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي لاءِ غيرمعمولي تعريفي جملا
واشنگٽن – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات کان اڳ انهن جي لاءِ غيرمعمولي تعريفي جملا ادا ڪيا. صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ کين ٻڌايو ته پاڪستان جو وزيراعظم محمد شهباز شريف عظيم اڳواڻ ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بهترين شخصيت آهن، اهي ساڻس ملاقات جي لاءِ اچي رهيا آهن پر مون کي پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي آهي، خوبصورت اوول آفيس ۾ ڪجهه دير کانپوءِ ساڻن ملاقات ٿيندي.












