واشنگٽن - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اسرائيل کي اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ميڊيا ذريعن موجب آمريڪي صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون اسرائيل کي اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس، گهڻو ٿي چڪو آهي، هاڻي روڪڻ جو وقت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وچ …
آئون اسرائيل کي اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو اسرائيل کي اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ميڊيا ذريعن موجب آمريڪي صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس جي اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آئون اسرائيل کي اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس، گهڻو ٿي چڪو آهي، هاڻي روڪڻ جو وقت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وچ اوڀر جي سمورن اڳواڻن سان پڻ ڳالهه ڪئي جيڪي عظيم ماڻهو آهن ۽ اسان غزه تي هڪ معاهدي جي ويجهو آهيون ۽ شايد امن جي به ويجهو هجون .












