نيويارڪ - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي غيرمتعدي مرضن (اين سي ڊيز) ۽ ذهني صحت بابت سياسي پڌرنامن جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي حصيدارن جي تعاون سان انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي غيرمتعدي مرضن جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول ۽ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي فروغ …
پاڪستان پاران غيرمتعدي مرضن کي منهن ڏيڻ جو عزم
نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي غيرمتعدي مرضن (اين سي ڊيز) ۽ ذهني صحت بابت سياسي پڌرنامن جي لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي حصيدارن جي تعاون سان انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي غيرمتعدي مرضن جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول ۽ ذهني صحت ۽ ڀلائي جي فروغ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ پروفيسر ڊاڪٽر عائشه اساني مجيد چيو ته پاڪستان کي غيرمتعدي مرضن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو درپيش آهي ۽ ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ عملي منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڊاڪٽر عائشه ٻڌايو ته پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر جي شرح ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ هر 9 مان 1 عورت پنهنجي زندگي ۾ بريسٽ ڪينسر جي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪيئر پليٽ فارم استعمال ڪندي بريسٽ ۽ سروائيڪل اسڪريننگ کي پرائمري هيلٿ ڪيئر سطح تائين پهچايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 9 کان 14 سالن جي ٻارڙين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جي لاءِ ايڇ پي وي ويڪسين لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ايف سي ٽي سي جو ميمبر آهي ۽ هتي تماڪو نوشي جي خلاف سخت قانون موجود آهن، جن تحت سگريٽ جي پيڪٽ تي اٽڪل 70 سيڪڙو حصو وارننگ جي لاءِ مخصوص آهي. هن آگاهه ڪيو ته پاڪستان ۾ عوامي جاين تي شيشه نوشي تي پابندي جو قانون پاس ڪيو ويو آهي جڏهن ته ويپ ۽ ٻين اليڪٽرانڪ نڪوٽين ڊيوائسز جي عوامي استعمال تي پابندي جو قانون پڻ جلد متعارف ڪرايو پيو وڃي. ڊاڪٽر عائشه چيو ته اسان مٺي مشروبات تي ٽيڪس 40 سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي. اسان صحت ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان قدم کڻي رهيا اهيون، نوجوانن ۽ ڪميونٽيز جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون ۽ متبادل فنڊنگ جي ذريعن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون.












