واشنگٽن ڊي سي - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي لاءِ وفد سان گڏ واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اينڊريو ايئربيس پهچڻ تي آمريڪي ايئرفورس جي اعليٰ عهديدار وزيراعظم جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو. وزيراعظم جو موٽرڪيڊ آمريڪي سيڪيورٽي جي گهيراءُ ۾ ايئربيس روانو ٿيو. وزيراعظم ڪجهه ئي دير ۾ وائيٽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي لاءِ وفد سان گڏ واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو
واشنگٽن ڊي سي – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جي لاءِ وفد سان گڏ واشنگٽن ڊي سي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اينڊريو ايئربيس پهچڻ تي آمريڪي ايئرفورس جي اعليٰ عهديدار وزيراعظم جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڪيو. وزيراعظم جو موٽرڪيڊ آمريڪي سيڪيورٽي جي گهيراءُ ۾ ايئربيس روانو ٿيو. وزيراعظم ڪجهه ئي دير ۾ وائيٽ هائوس پهچندو جتي سندس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ٿيندي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وزيراعظم سان گڏ هوندو.












