نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بيلجيم جي هم منصب سان ملاقات

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي بيلجيم جي هم منصب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ميڪسم پريووٽ سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب  ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن تي بحث ڪيو ۽ واپار، ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ …

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي بيلجيم جي هم منصب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ميڪسم پريووٽ سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب  ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن تي بحث ڪيو ۽ واپار، ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم سميت گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.