جي سي سي ۽ برطانيا جو وزارتي اجلاس، امن لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) جي سي سي ملڪن ۽ برطانيا امن قائم ڪرڻ ۽ بحرانن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري ايس پي اي موجب نيويارڪ ۾ جي سي سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر جي ملاقات کان پوءِ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. بيان ۾ جي سي سي ملڪن پاران ٽياڪڙي وارين ڪوششن کي ساراهيو ويو …

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) جي سي سي ملڪن ۽ برطانيا امن قائم ڪرڻ ۽ بحرانن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو آهي. سعودي خابرو اداري ايس پي اي موجب نيويارڪ ۾ جي سي سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر جي ملاقات کان پوءِ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو. بيان ۾ جي سي سي ملڪن پاران ٽياڪڙي وارين ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن 9 سيپٽمبر ۾ دوحه تي اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪندي ان کي قطر جي خودمختياري جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو. فلسطين جي حوالي سان غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ ٻه رياستي حل کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي وئي. وزارتي اجلاس ۾ تڪرار جي سياسي حل جي حوالي سان سعودي عرب ۽ فرانس جي ڪردار جي به تعريف ڪئي وئي. فلسطين اٿارٽي کي غزه ۽ اولهه ڪناري جي قيادت ڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو ويو. وزارتي اجلاس ان ڳالهه جي خاطري ڪئي ته ايران وٽ ايٽمي هٿيار نه هجڻ گهرجن. سلطنت عمان پاران تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ٽياڪڙي کي ساراهيو ويو. ايران تي حملا روڪڻ ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان ايران جي مڪمل  سهڪار تي زور ڀريو ويو.