نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس پاڪستان جي معاشي ۽ معاشرتي ترقي خاص ڪري صحت، غذائي معيار ۽ مدافعت ۾ اضافي، معاشي شموليت ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جهڙن قدمن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس فائونڊيشن جي باني …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل گيٽس پاران گڏيل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس پاڪستان جي معاشي ۽ معاشرتي ترقي خاص ڪري صحت، غذائي معيار ۽ مدافعت ۾ اضافي، معاشي شموليت ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جهڙن قدمن ۾ گڏيل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بل گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم بل گيٽس فائونڊيشن طرفان 2022ع جي ٻوڏ دوران ذڪر جوڳين امدادي ڪاررواين جو ذڪر ڪندي 2025ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڏنل امداد کي به واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي، قوت مدافعت ۽ غذائي معيار ۾ اضافي ۽ معاشي شموليت لاءِ حڪومتي قدمن ۾ بل گيٽس فائونڊيشن جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل تعاون جي اهميت تي خاص زور ڀريو. وزيراعظم پاڪستاني حڪومت طرفان ڪيل جامع معاشي سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن ۾ بل گيٽس فائونڊش جي عملي ۽ مثبت تعاون جي خاص واکاڻ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بل گيٽس پاڪستان جي معاشي ۽ معاشرتي ترقي خاص ڪري صحت، غذائي معيار ۽ انسان جي جسماني قوت مدافعت ۾ اضافي، معاشي شموليت ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن جهڙن قدمن ۾ گڏيل تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












