آمريڪي صدر جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب جي موقعي تي ايسڪليٽر  ۽ سائونڊ سسٽم جي خرابي کي سازش قرار ئي ڇڏيو، جاچ جو مطالبو

واشنگٽن-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي صدر آفيس ۾ پيش آيل فني مسئلي کي تخريبڪاري قرار ڏيندي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن ۾ سندس آمد ۽ تقرير دوران ايسڪليٽر اوچتو روڪجي ويو ۽ ٽيلي پرامپٽر ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته سائونڊ سسٽم مڪمل طور تي ناڪام …

واشنگٽن-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گڏيل قومن جي صدر آفيس ۾ پيش آيل فني مسئلي کي تخريبڪاري قرار ڏيندي ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته گڏيل قومن ۾ سندس آمد ۽ تقرير دوران ايسڪليٽر اوچتو روڪجي ويو ۽ ٽيلي پرامپٽر ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو جڏهن ته سائونڊ سسٽم مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو ۽ اهو صرف اتفاق ناهي پر هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هن لکيو ته اهو حقيقت ۾ هڪ شرمناڪ واقعو هو جنهن تي گڏيل قومن کي شرمنده هجڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته هو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي باقاعده خط موڪلي واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو ۽ خاتون اول ميلانيا ايڪسليٽر تان ڪري پون ٿا ته هڪ وڏو حادثو ٿي وڃي ها. هوڏانهن گڏيل قومن جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته ايسڪليٽر اوچتو ان لاءِ رڪجي ويو ته آمريڪي وفد جي هڪ وڊيو گرافر غلطي سان حفاظتي فيچر فعال ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ٽيلي پرامپٽر وائيٽ هائوس جي ڪنٽرول ۾ هوندو آهي، گڏيل قومن پاران ان الزام تي ڪو به باضابطه رد عمل جاري ناهي ڪيو ويو.