لاس اينجلس-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا ٽي نوان خلائي مشن ڪاميابي سان خلا ۾ روانا ڪري ڇڏيا . جن جو مقصد سج ، زمين ۽ خلا جي ماحول جي گڏيل تعلق جو مطالعو ڪرڻ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهي مشن هڪ اسپيس ايڪس فالڪن 9 راڪٽن ذريعي آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ واقع ڪينيڊي اسپيس سينٽر کان صبح جو 7:30 وڳي لانچ ڪيا ويا. ناسا مطابق …
ناسا سج ، زمين ۽ خلا جي ماحول جي گڏيل تعلق جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ٽي نوان خلائي مشن لانچ ڪري ڇڏيا
لاس اينجلس-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا ٽي نوان خلائي مشن ڪاميابي سان خلا ۾ روانا ڪري ڇڏيا . جن جو مقصد سج ، زمين ۽ خلا جي ماحول جي گڏيل تعلق جو مطالعو ڪرڻ آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اهي مشن هڪ اسپيس ايڪس فالڪن 9 راڪٽن ذريعي آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ واقع ڪينيڊي اسپيس سينٽر کان صبح جو 7:30 وڳي لانچ ڪيا ويا. ناسا مطابق هر مشن سج جي خارج ڪيل توانائي، شمسي طوفانن ۽ خلائي موسم جي مختلف رخن تي تحقيق ڪندا ۽ انهن مشن جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ آهي ته سج جون سرگرميون زمين تي موجود زندگي، مصنوعي سيارن (سيٽلائٽس ) خلا بازن ۽ فضائي عملي تي ڪيئن اثر انداز ٿين ٿيون. حاصل ڪيل ڊيٽا ذريعي نه رڳو سج جي اثرن کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ ۾ مدد ملندي، پر زمين جي ماحول ۽ خلائي نظام ۾ حفاظت ۽ پائيداري کي به هٿي حاصل ٿيندي.












