تهران/ ماسڪو-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۽ روس ننڍن ايٽمي ري ايڪٽرن جي تعمير بابت مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايٽمي توانائي جي ايراني اداري (اي آءِ او آءِ) جي سربراهه محمد اسلامي ۽ روس جي رياستي ايٽمي توانائي ڪارپوريشن ” روس ايٽم “ جي سربراهه اليڪسي ليخا چيوف ماسڪو ۾ معاهدن تي صحيحيون ڪيون . انهن مفاهمتي معاهدن جو مقصد ايٽمي توانائي …
ايران ۽ روس جون ننڍن ايٽمي ري ايڪٽرن جي تعمير بابت مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون
تهران/ ماسڪو-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران ۽ روس ننڍن ايٽمي ري ايڪٽرن جي تعمير بابت مفاهمتي معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن . پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايٽمي توانائي جي ايراني اداري (اي آءِ او آءِ) جي سربراهه محمد اسلامي ۽ روس جي رياستي ايٽمي توانائي ڪارپوريشن ” روس ايٽم “ جي سربراهه اليڪسي ليخا چيوف ماسڪو ۾ معاهدن تي صحيحيون ڪيون . انهن مفاهمتي معاهدن جو مقصد ايٽمي توانائي جي پرامن استعمال ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ، پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ، توانائي جي سلامتي کي مضبوط ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي اڳتي وڌائڻ آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي قانون ۽ عالمي ذميوارين مطابق هوندو . معاهدي تحت ٻئي ملڪ مستقبل ۾ ننڍن ايٽمي بجلي گهرن جي ڊيزائن ۽ تعمير بابت باضابطا معاهدن تي صحيحيون ڪندا . واضع رهي ته محمد اسلامي جي قيادت ۾ ايراني وفد سومر تي ماسڪو پهتو جتي هو روس جي اختيارين سان ملاقات سان گڏوگڏ ” ورلڊ اٽامڪ ويڪ “ جي فورم ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 25 کان 28 سيٽمبر تائين جاري رهندو.












