ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻو پوندو، پاڪستان جو ڪاربن گئسز جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ نسلن جي تحفظ جي لاءِ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو ڪاربن گئسز جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، متبادل توانائي ۽ وڻڪاري کي فروغ ڏنو پيو وڃي، …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ نسلن جي تحفظ جي لاءِ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو ڪاربن گئسز جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان سان شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، متبادل توانائي ۽ وڻڪاري کي فروغ ڏنو پيو وڃي، قرضن تي قرض مسئلي جو حل نه آهي، عالمي برادري ماحولياتي تحفظ جي لاءِ مالي معاونت فراهم ڪري. هو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري ۽ برازيل جي صدر پاران نيويارڪ ۾ منعقد اسپيشل ڪلائميٽ ايونٽ کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت ۾ هتي مخاطب آهي جڏهن پاڪستان کي سانوڻي جي شديد برساتن، ڪلائوڊ برسٽ ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي صورتحال درپيش آهي، ان موسمياتي آفت جي ڪري 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 4100 ڳوٺ متاثر ٿيا آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، 2022ع ۾ به پاڪستان کي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو هو ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا هئا، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڻ ان صورتحال جو مشاهدو ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر اسان پنهنجي حصي کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان کڻي رهيا آهيون. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري ايندڙ نسلن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوري ڪندي ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان زهريلي گئسن جي اخراج کي روڪڻ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهي، وڏي پئماني تي وڻڪاري ۽ وڻ هنيا پيا وڃن، مينگروز جي تحفظ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، متبادل ۽ ماحول دوست پن، شمسي ۽ نيوڪليئر توانائي کي فروغ ڏنو پيو وڃي. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ ماحوليات جي ماهرن شرڪت ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪلائميٽ ايڪشن جي ضرورت آهي. عالمي گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري گهٽتائي جي لاءِ فوري قدم ضروري آهن، موسمياتي تبديلي سان سماجي ۽ اقتصادي چئلينجز وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم وقت جي ضرورت آهي، عالمي ماحولياتي ڪانفرنسز ۾ ٿيندڙ واعدن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، متبادل توانائي ذريعن کي فروغ ڏيندي گرين انرجي جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، ماحولياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ سبب مختلف خطن ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪندي ڪاربن گئسن جو اخراج گهٽ ڪري سگهجي ٿو، متاثر ملڪن جي مدد جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي، ماحولياتي انصاف موجوده دور جي اهم گهرج آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج جي ذميواري وڏن ملڪن کي کڻڻي پوندي. برازيل جي صدر لوئيز انيڪيو لولا ڊيسلوا چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج جا ذميوار ملڪ صورتحال جا ذميوار آهن، متاثر ملڪن جي مدد جي لاءِ قدم ناڪافي آهن، ترقي يافته ملڪن پاران واعدن کان انحراف پڻ ماحولياتي مسئلن جو هڪ اهم سبب آهي. هن چيو ته برازيل ڪاربن هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل جي لاءِ فوري قدم ضروري آهن، عملي قدمن سان گڏ ماحولياتي انصاف يقيني بڻائڻو پوندو. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڌندڙ چئلينجز هڪ حقيقت آهي، ترقي يافته ملڪن کي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي حوالي سان جامع قدم کڻڻ گهرجن، ماحولياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قدم کڻڻا پوندا، متبادل توانائي ۽ گرين انرجي کي فروغ ڏيڻو پوندو، چين 2035ع تائين گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ 7 سيڪڙو کان 10 سيڪڙو تائين گهٽٽائي آڻيندو. هن چيو ته چين عالمي سطح تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، چين ماحول دوست متبادل توانائي کي فروغ ڏنو آهي، پيرس معاهدي موجب سمورين ڌرين کي قدم کڻڻا پوندا. يورپي ڪميشن جي صدر چيو ته يورپي يونين گرين توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪيو آهي، ماحول دوست ٽيڪنالاجي کي ترجيح ڏني پئي وڃي، يورپي يونين موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ فنڊز فراهم ڪري رهي آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ماحولياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ زندگي کي خطرا درپيش آهن، ڪلائميٽ سمٽ ۾ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ چئلينجز ۽ گڏيل قدمن بابت تجويزن تي غور ڪيو ويو.