نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. اها ملاقات پاڪستان …
وزيراعظم شهباز شريف جي سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. اها ملاقات پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي لاڳاپن جي عڪاس آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا، ٻطرفي واپار، تعليم جي شعبي ۾ تعاون، ثقافتي مٽاسٽا ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ سريلنڪا ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ايندڙ سالن ۾ گڏيل لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سريلنڪا سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفا رابطا وڌائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن راندين خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.












