نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده عالمي مالياتي ڍانچو اسرندڙ ملڪن سان اڻبرابري کي وڌائي رهيو آهي، قرضن جي بار ۽ ماحولياتي بحران انهن ملڪن جي لاءِ سنگين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ منعقد پائيدار، شموليتي ۽ لچڪدار عالمي معيشت جي پهرين ٻه سالا سربراهي اجلاس کي …
موجوده عالمي مالياتي ڍانچو اسرندڙ ملڪن سان اڻبرابري کي وڌائي رهيو آهي: اسحاق ڊار
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته موجوده عالمي مالياتي ڍانچو اسرندڙ ملڪن سان اڻبرابري کي وڌائي رهيو آهي، قرضن جي بار ۽ ماحولياتي بحران انهن ملڪن جي لاءِ سنگين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ منعقد پائيدار، شموليتي ۽ لچڪدار عالمي معيشت جي پهرين ٻه سالا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) جي لاءِ وڌندڙ مالياتي خلا، غيرپائيدار قرضن ۽ تيزي سان وڌندڙ ماحولياتي چئلينجز کي اجاگر ڪيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته قرضن جي بحران جي حل لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کنيا وڃن، ترقي ۽ ماحولياتي ماليات ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ هڪ شموليتي ۽ منصفاڻو عالمي اقتصادي نظام جوڙيو وڃي ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي درپيش چئلينجز جو موثر حل ڪڍي سگهجي.












