نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي سلووينيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تنجا فاجون سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، واپار، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سلووينيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي سلووينيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تنجا فاجون سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، واپار، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.












