ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي غور فڪر ڪيو ويو: پرڏيهي آفيس ترجمان

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ”ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ“ جي اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي غور فڪر ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پاران جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ”ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ“ جي اجلاس ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي غور فڪر ڪيو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پاران جاري هڪ بيان ۾ چيو ويو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائينز ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت او آءِ سي جي سياسي معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل يوسف ايم الدوبي ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ رابطا گروپ جا ميمبر ملڪ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجيريا ۽ آذربائيجان شريڪ ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو ٻڌائڻ آهي ته ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جو هڪ وفد به اجلاس ۾ شامل هو، اجلاس ۾ والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي خراب صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي کي مضبوط ڪرڻ، ظالماڻي قانونن جي لاڳو، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن ۾ تيزي جي مذمت ڪندي چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل سان مشروط آهي. طارق فاطمي او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها ڀارتي ڏاڍ جي خاتمي، ڪشميري سياسي قيدين جي آزادي جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اجلاس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن پاران ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس دوران او آءِ سي پاڪ ڀارت تازي جنگبندي جي آجيان ڪئي ۽ ثالثي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پهلگام حملي کانپوءِ جي واقعن مان واضح آهي ته ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ کانسواءِ خطي ۾ امن ممڪن نه آهي، ڀارتي اڳواڻن جا غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته او آءِ سي پاران والاريل ڪشمير ۾ ڪريڪ ڊائون، گرفتارين، گهرن کي تباهه ڪرڻ، ڪشميري اڳواڻ شبير شاهه جي بيماري جي باوجود کيس آزادي نه ڏيڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ هزارين سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي گرفتارين سميت سرينگر جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ مذهبي ميڙن تي پابندي جي پڻ مذمت ڪئي. او آءِ سي 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن ۽ آبادياتي تبديلين کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي چونڊون خودمختياري جي حق جو متبادل نه ٿيون ٿي سگهن.

مزید خبریں