نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ سان ملاقاتن ۾ جرمن ۽ عربي زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٻنهي اڳواڻن سان …
وزيراعظم پاران آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ۽ ڪويت جي ولي عهد سان ملاقاتن ۾ جرمن ۽ عربي زبان ۾ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر ۽ ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ سان ملاقاتن ۾ جرمن ۽ عربي زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٻنهي اڳواڻن سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقاتون ٿيون. آسٽريا جي فيڊرل چانسلر سان جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم 1980ع جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي آسٽريا جي دوري جي ياد تازي ڪئي. ڪويت جي ولي عهد سان عربي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ڪويت جي پراڻي دوستي ۽ حصيداري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي دوستي کي لازوال قرار ڏنو.










