وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ميزباني هيٺ عرب-اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت

نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ميزباني هيٺ عرب-اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيُون ۽ انڊونيشيائي صدر پرابووو سوبيانتو سان به ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، جيڪو گڏيل قومن …

نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ميزباني هيٺ عرب-اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيُون ۽ انڊونيشيائي صدر پرابووو سوبيانتو سان به ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ۾ آهي تنهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي ميزباني هيٺ عرب-اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کان اڳ وزيراعظم قطري امير شيخ تميم بن حمد الثاني، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيُون ۽ انڊونيشيائي صدر پرابووو سوبيانتو سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ عالمي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو، غير رسمي ۽ بي تڪلف ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

مزید خبریں