نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بنا جواز جي حملن سميت ڏکڻ ايشيا ۾ تازي فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي …
ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ پاران عوام جي خودمختياري واري حق جي پختي حمايت جو ورجاءُ، ڏکڻ ايشيا ۾ تازي فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گروپ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي موجب ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي بنا جواز جي حملن سميت ڏکڻ ايشيا ۾ تازي فوجي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي ميمبرن ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ سينئر اڳواڻن (آذربائيجان، پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب ۽ نائيجيريا) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ ۽ آزاد مستقل انساني حقن بابت ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق فاطمي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ٻين ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن سان گڏوگڏ ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. رابطا گروپ ڄمون ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي اڳوڻن اعلانن ۽ قراردادن جي توثيق ڪئي. پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري واري حق لاءِ سندن پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيل بنا جواز جي حملن سميت ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ فوجي ڇڪتاڻ تي پنهنجي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ خطي کي غير مستحڪم ڪندڙ قدمن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن فوجي ڇڪتاڻ کانپوءِ ڌرين وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي ۽ سمورن ملڪن طرفان ٽياڪڙي ڪرڻ ۽ ان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏ کڻي اچڻ وارين تعميري ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 22 اپريل 2025ع جي پهلگام حملي کانپوءِ واري صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ڄمون ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حتمي حل نڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو. گڏيل پڌرائي ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته آزاد ڪمشير ۽ گلگت بلتستان بابت ڪيترن ئي ڀارتي اڳواڻن جا بي بنياد دعويٰ ۽ غير ذميواري وارا بيان علائقائي امن لاءِ خطرو آهن. گڏيل بيان ۾ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارتي اختيارين ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪريڪ ڊائون تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو جنهن ۾ اٽڪل 28 سئو ماڻهن کي گرفتاري ڪيو ويو ۽ 3 درجن کان وڌيڪ گهر ڊاهيا ويا. ان موقعي تي ڪشميري اڳواڻ شبير احمد شاهه جي نظربندي ۽ ضمانت کان انڪار تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشميرين جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ واري مهم عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جهڙن اهم موقعن تي سري نگر جي تاريخي مسجد ۽ عيدگاهه ۾ مذهبي ميڙاڪن تي پابندي جي پڻ مذمت ڪئي وئي، جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت طرفان کنيل غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان گڏوگڏ ان کانپوءِ کنيل قدمن کي به رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو جن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل علائقي جي عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي نقصان پهچائڻ ۽ ان جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي. بيان ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ڄمون ڪشمير بابت خاص ايلچي اپريل 2025ع ۾ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ڪيل دوري جي پڻ آجيان ڪئي. جڏهن ته 2 مئي 2025ع جي گڏيل پريس بيان جي پڻ آجيان ڪئي وئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن او آءِ سي آف ايمبيسڊرز ذريعي جاري ان بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو چيو ته حل طلب تڪرار ڄمون ڪشمير ڏکڻ ايشيا ۾ امن سلامتي کي متاثر ڪندڙ بنيادي مسئلو آهي، سيڪريٽري جنرل ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته اهي گڏيل قومن سميت مختلف عالمي فورمن تي ڪشميري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪن. او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن کي چيو ويو آهي ته اها آزاد ڪشمير ۽ لائين آف ڪنٽرول لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشين رواني ڪري ته جيئن زميني صورتحال بابت سڌي ريت معلومات حاصل ڪري سگهجي. نيويارڪ ۽ جنيوا ۾ او آءِ سي جي مبصر مشنز کي هدايت ڪئي وئي ته اها گڏيل بيان جي هڪ ڪاپي سمورن ميمبر ملڪن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيسر موڪلين.










