سامونڊي طوفان ” راگا“ جون تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ چين جي ڏکڻ پاسي سامونڊي علائقن ۾ تباهيون، وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع

هانگ ڪانگ -24 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي طوفان ” راگا“ تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ چين جي ڏکڻ پاسي سامونڊي علائقن ۾ شديد تباهي آندي آهي، جنهن نتيجي ۾ تائيوان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ماڻهو فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان سبب هانگ ڪانگ ۾ اربع جي صبح جو شديد برساتي طوفاني هوائن ۽ وڏين سامونڊي لهرن زندگي جي نظام کي متاثر ڪري …

هانگ ڪانگ -24 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي طوفان ” راگا“ تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ چين جي ڏکڻ پاسي سامونڊي علائقن ۾ شديد تباهي آندي آهي، جنهن نتيجي ۾ تائيوان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ماڻهو فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان سبب هانگ ڪانگ ۾ اربع جي صبح جو شديد برساتي طوفاني هوائن ۽ وڏين سامونڊي لهرن زندگي جي نظام کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي. سڄي شهر ۾ ڪيترائي وڻ ڪري پيا ۽ سامونڊي علائقن ۾ ٻوڏ  واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هانگ ڪانگ آبزرويٽري موجب  سپر طوفان  ”راگاسا“  گذريل صبح  جو شهر جي ڏکڻ طرف 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تان گذريو جنهن کي نظر ۾ رکندي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. آبزرويٽري جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان سبب اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي سامونڊي علائقن ۾ ٻه کان ٽي ميٽر تائين پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته لهرون سمنڊ ڪناري ڀتين کي پار ڪري سگهن ٿيون. انتظاميا متاثر  علائقن جي  شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي وڃن ته جئين  جاني نقصان کان بچي سگهجي.

مزید خبریں