نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاران فلسطيني عوام جي عزت ۽ وقار، انصاف ۽ خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطيني عوام جي عزت ۽ وقار، انصاف ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، عالمي قانونن جون کليل خلاف ورزيون ۽ انساني حقن جون سنگين پائماليون جاري آهن، فوري جنگبندي ڪرائي وڃي ۽ امدادي سامان ۽ دوائن …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطيني عوام جي عزت ۽ وقار، انصاف ۽ خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته غزه ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي، عالمي قانونن جون کليل خلاف ورزيون ۽ انساني حقن جون سنگين پائماليون جاري آهن، فوري جنگبندي ڪرائي وڃي ۽ امدادي سامان ۽ دوائن جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، عالمي برادري اسرائيل کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين مسئلي تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزه بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) جي تباهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جي ڪري انسانيت ۽ عالمي ضمير جو قبرستان بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي جائز حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين اڻٿڪ حمايت جاري رکندو. هن چيو ته سعودي عرب ۽ فرانس پاران ٻه رياستي حل بابت ڪانفرنس جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته مختلف ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ انصاف ۽ عالمي قانونن جي پاسداري جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هو فلسين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن ۾ شامل آهي. هن زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري انساني وقار جي تحفظ، انصاف ۽ جوابدهي جي لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته هاڻي بيانن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.

مزید خبریں