غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلم واضح گڏيل نسل ڪشيءَ آهي، فلسطيني عوام کي زبردستي انخلا تي مجبور ڪيو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ آزاد فلسطين جا نعرا گونجي رهيا آهن: ترڪ صدر رجب طيب اردوان

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلم واضح گڏيل نسل ڪشيءَ آهي، فلسطيني عوام کي زبردستي انخلا تي مجبور ڪيو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ آزاد فلسطين جا نعرا گونجي رهيا آهن، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ آزاد فلسطيني رياست ضروري آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته غزه ۾ جاري اسرائيلي ظلم واضح گڏيل نسل ڪشيءَ آهي، فلسطيني عوام کي زبردستي انخلا تي مجبور ڪيو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ آزاد فلسطين جا نعرا گونجي رهيا آهن، دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ آزاد فلسطيني رياست ضروري آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته فلسطين کي بحيثيت آزاد رياست تسليم ڪندڙ ملڪن جي آجيان ڪريان ٿو، اميد آهي ته دنيا جا ٻيا ملڪ به جلد فلسطين کي بطور آزاد رياست تسليم ڪندا. اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر عالمي برادري جو ڌيان غزه جي صورتحال طرف ڇڪرائيندي فلسطيني عوام تي ڪيل اسرائيلي ظلمن کي انساني حقن جي شديد خلاف ورزي قرار ڏنو. هن چيو ته غزه جي عوام جي لاءِ هر گذرندڙ ڏينهن عذاب بڻجندو پيو وڃي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس عالمي اڳواڻن کي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيلي فوج غزه ۾ ٻارن سميت معصوم شهرين جو قتل عام ڪري رهي آهي، غزه ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي. هن پنهنجي خطاب دوران غزه ۾ خوراڪ جي ورڇ جي مرڪزن ۾ مايوس غزه جي ماڻهن، بُک ۾ مرندڙ ٻارن ۽ غزه تي گذريل ٻن سالن ۾ اسرائيل جي شديد بمباري سان ٿيندڙ تباهي جون ڪيتريون ئي تصويرون عالمي دنيا کي ڏيکاريون. ترڪ صدر چيو ته غزه جي صورتحال ڏسي منهنجي دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي، ترڪ عوام مشڪل وقت ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي. هن عالمي اڳواڻن کي چيو ته اهڙي طرح جي ظلمن جي خلاف خاموشي حصيداري جي برابر آهي، غزه ۾ جلد کان جلد جنگبندي کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

مزید خبریں