نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البداوي سان ملاقات

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البداوي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم، جي سي سي سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان گهڻ طرفي تعاون کي …

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي نار تعاون ڪائونسل (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البداوي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم، جي سي سي سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان گهڻ طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. جڏهن ته ٻنهي ڌرين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ادارتي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں