هانگ ڪانگ ۾ سامونڊي طوفان ” راگاسا “ سبب اسڪول ۽ ڪاروبار بند، سوين اڏامون ملتوي  

بيجنگ-23 سيپٽمبر(اي پي پي ) چين شهر هانگ ڪانگ ۾ دنيا جي هن سال جي سڀ کان طاقتور سامونڊي طوفان ”راگاسا“ جي آمد سبب هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. هانگ ڪانگ ۾ تعليمي ادارن  ۽ ڪاروباري مرڪزن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته طوفان سبب  700 اڏامون به متاثر ٿيون آهن. هانگ ڪانگ آبزرويٽري موجب طوفان جي شدت  220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي چڪي آهي  ۽ طوفان …

بيجنگ-23 سيپٽمبر(اي پي پي ) چين شهر هانگ ڪانگ ۾ دنيا جي هن سال جي سڀ کان طاقتور سامونڊي طوفان ”راگاسا“ جي آمد سبب هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. هانگ ڪانگ ۾ تعليمي ادارن  ۽ ڪاروباري مرڪزن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته طوفان سبب  700 اڏامون به متاثر ٿيون آهن. هانگ ڪانگ آبزرويٽري موجب طوفان جي شدت  220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي چڪي آهي  ۽ طوفان چين جي صوبي گوانگ ڊونگ جي سمنڊ ڪناري طرف وڌي رهيو آهي، طوفان دوران  هوائن ۽ شديد برساتن سبب 4 کان 5 ميٽر بلند سامونڊي لهرن جو خدشو آهي جڏهن ته سمنڊ ڪناري وارا علائقن ۾ پاڻي جي سطح ٻه ڪلو ميٽر تائين بلند ٿين جو امڪان آهي .انتظاميا رهواسين کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

مزید خبریں