وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي باضابطه افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي باضابطه افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نيويارڪ جي پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ آمريڪا ۽ قطر جي ميزباني هيٺ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي خاص سربراهي اجلاس ۾ …

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي باضابطه افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نيويارڪ جي پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ آمريڪا ۽ قطر جي ميزباني هيٺ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي خاص سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پاڪستان جي وزيراعظم کي اجلاس ۾ خاص طور تي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر، ڪويت جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شيخ صباح الخالد، ورلڊ بينڪ جي صدر اجي بنگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئيٽو (جي ڊي آءِ) جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو.

مزید خبریں