دولت مشترڪه کي امن قائم ڪرڻ ۽ مڪالمي جي پليٽ فارم جي طور تي پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ ان منفرد پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته عالمي برادري هڪ ئي وقت ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، دولت مشترڪه کي امن قائم ڪرڻ ۽ مڪالمي جي پليٽ فارم جي طور تي پنهنجو ڪردار جاري رکڻ …

نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ ان منفرد پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته عالمي برادري هڪ ئي وقت ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، دولت مشترڪه کي امن قائم ڪرڻ ۽ مڪالمي جي پليٽ فارم جي طور تي پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اهو اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي منقعد ڪيو ويو. پنهنجي خطاب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ ان منفرد پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن تنظيم کي بدلجندڙ عالمي حالتن موجب آڻڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته عالمي برادري هڪ ئي وقت ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏئي رهي آهي، دولت مشترڪه کي امن قائم ڪرڻ ۽ مڪالمي جي پليٽ فارم جي طور تي پنهنجو ڪردار جاري رکڻ گهرجي جتي اتفاق راءِ ۽ تعاون جي ذريعي تڪرار حل ڪرڻ ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن دولت مشترڪه جي ماحولياتي تبديلي بابت ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ ميمبر ملڪن پاران ماحولياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ تي مسلسل ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي ان منفرد ڪردار کي ساراهيو جيڪو هو 56 ميمبر ملڪن کي هڪ گڏ ڪري نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، ڊيجيٽل تبديلي ۽ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي دولت مشترڪه جي نوجوانن جي ايجنڊا ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر آهي ته جيئن اسان جي نوجوان نسل هڪ وڌيڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جوڙڻ جي قابل ٿئي. هن چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه جي رابطي جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ اهڙن قدمن جي حمايت ڪندو رهندو جن سان دولت مشترڪه جي اندر ڊيجيٽل، فزيڪل، ريگيوليٽري ۽ سپلاءِ چين جا رابطا وڌيڪ مضبوط ٿين.

مزید خبریں