نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. اجلاس 22 کان 26 سيپٽمبر 2025ع تائين جاري رهندو. پاڪستاني وفد جي اڳواڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو نيويارڪ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم …

اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. اجلاس 22 کان 26 سيپٽمبر 2025ع تائين جاري رهندو. پاڪستاني وفد جي اڳواڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو نيويارڪ پهچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي اعليٰ عملدارن استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ تمام گهڻو مصروف وقت گذاريندو. وزيراعظم سان مختلف ملاقاتن ۽ سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کانسواءِ، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ڪيترن ئي وزارتي ۽ اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. سندس مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان درجن کان وڌيڪ ملاقاتون به طئه آهن.
مزید خبریں