گڏيل قومون-22 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي ساليانو اجلاس سومر کان نيويارڪ ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جي 150 کان وڌيڪ مُلڪن جا سربراهه ۽ پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 سيپٽمبر تي 193 ميمبرن واري اسيمبلي کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ هو مختلف …
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي ساليانو اجلاس نيويارڪ ۾ شروع، وزيراعظم 26 سيپٽمبر تي کي خطاب ڪندو: مستقل نمائندو

مزید خبریں
گڏيل قومون-22 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي ساليانو اجلاس سومر کان نيويارڪ ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جي 150 کان وڌيڪ مُلڪن جا سربراهه ۽ پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 سيپٽمبر تي 193 ميمبرن واري اسيمبلي کي خطاب ڪندو، جنهن ۾ هو مختلف عالمي مسئلن، خاص طور تي فلسطين ۽ ڪشمير تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شرڪت پاڪستان جي گهڻ طرفي ۽ گڏيل قومن سان پاڪستان جي مضبوط وابستگي کي ظاهر ڪري ٿي، خاص طور تي هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ ڀارت پاران غير قانوني طور تي قبضو ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي مسئلي کي به اجاگر ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي مسئلا ڊگهي عرصي کان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو رهيا آهن. ان کان علاوه وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي اثرن، وڌندڙ اسلاموفوبيا ۽ دهشتگردي جي خطري جهڙن مسئلن تي به روشني وجهندو. هن چيو ته وزيراعظم عالمي برادري سان گڏجي موسمياتي تبديلي جي اثرن کي مُنهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، جيڪي ملڪ کي ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ سخت متاثر ڪري چُڪا آهن. واضح رهي ته هن سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ غزه ۽ يوڪرين ۾ جاري جنگين، فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ ۽ ايران سان ايٽمي تڪرار جهڙن معاملن تي بحث ڪيو ويندو. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف اجلاس دوران ڪيتريون ئي اهم ٻطرفي ملاقاتون پڻ ڪندو، جنهن ۾ مختلف عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي اعليٰ عملدارن سان خيلان جي ڏي وٺ شامل آهي. هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اسلامي اڳواڻن جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. جڏهن ته انهيءَ اجلاس کي نظر ۾ رکندي نيويارڪ پوليس سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي جا وڏا انتظام ڪيا آهن، جنهن ۾ هزارين آفيسر ۽ خصوصي يونٽس مقرر ڪيا ويا آهن.










