صدر آصف علي زرداري چين جي دوري کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي اهم دوري کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو. چين ۾ قيام دوران صدر مملڪت چنگڊو، شنگهائي، ارومچي ۽ ڪاشغر جو دورو ڪيو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪيون. پاڪ – چين لاڳاپا، سي پيڪ منصوبن ۽ مستقبل جي راهدارين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي اهم دوري کانپوءِ واپس وطن پهچي ويو. چين ۾ قيام دوران صدر مملڪت چنگڊو، شنگهائي، ارومچي ۽ ڪاشغر جو دورو ڪيو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪيون. پاڪ – چين لاڳاپا، سي پيڪ منصوبن ۽ مستقبل جي راهدارين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري چين جي دوري جي موقعي تي علائقائي امن، ترقي ۽ ٻطرفي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اهم مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿينديون. صدر مملڪت جو دورو پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري جي عزم جي تجديد آهي. ان کان اڳ صدر مملڪت کي ڪاشي ليننگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان ڪاشغر جي پارٽي سيڪريٽري ۽ سنڪيانگ جي نائب گورنر ني زوانگ الوداع ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا سفير پڻ موجود هئا. صدر مملڪت چيني قيادت جي ميزباني تي ٿورو مڃيندي چيو ته صدر شي جن پنگ جي ويزن تحت چين خاص ڪري سنڪيانگ ۾ ٿيل ترقي ساراهه جوڳي ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ چين جو عوام سياحت ۽ واپار لاءِ زميني رستن ذريعي آساني سان سفر ڪري سگهن.

مزید خبریں