لنڊن-21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته 10 مئي جي فتح دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو سڄي زندگي ياد رکندو، اسان پاڪستان کي عظيم عسڪري طاقت بڻايو، هاڻي ان کي معاشي طاقت وارو بڻائينداسين، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جا عظيم سفير آهن جيڪي دنيا ۾ هر فورم تي ملڪ جو دفاع ڪن ٿا، …
10 مئي جي فتح دشمن کي اهو سبق سيکاريو جنهن کي هو سڄي زندگي ياد رکندو، اسان پاڪستان کي عظيم عسڪري قوت بڻايو، هاڻي ان کي معاشي طور طاقتور بڻائينداسين: وزيراعظم شهباز شريف جو پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي خطاب

مزید خبریں
لنڊن-21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته 10 مئي جي فتح دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو سڄي زندگي ياد رکندو، اسان پاڪستان کي عظيم عسڪري طاقت بڻايو، هاڻي ان کي معاشي طاقت وارو بڻائينداسين، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جا عظيم سفير آهن جيڪي دنيا ۾ هر فورم تي ملڪ جو دفاع ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪو هي سمجهي ٿو ته ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ گڏيل لاڳاپا بحال ٿي سگهن ٿا ته اهي احمق جي جنت ۾ رهي ٿو، ڪشميرين جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو، ڪشمير مسئلو، پاڻي جو مسئلو، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي برابري جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. لنڊن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف انهن کي 10 مئي جي فتح ۽ حق جي ويڙهه جي عظيم ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي اها فتح آهي جنهن ذريعي دشمن کي اهو سبق سيکاريو جنهن کي هو سڄي زندگي ياد رکندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته منهنجي لاءِ انتهائي خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته مان سمنڊ پار عظيم پاڪستانين آڏو بيٺل آهيان جيڪي ملڪ جا اهي عظيم سفير آهن جيڪي يورپ، برطانيه، اتر آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ ڏينهن رات محنت ڪن ٿا ۽ پرڏيهه ۾ حلال رزق ڪمائين ٿا، مان دل جي گهراين سان اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو ته اوهان محنت سان رزق حلال ڪمايو ٿا، گذريل سال رت ۽ پگهر جي ڪمائي مان ساڍا 38 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا آهن، ان کانسواءِ پاڪستان جي معيشت اڳتي نٿي وڌي سگهي جنهن تي اوهان کي سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني نه رڳو معاشي طور پر سياسي طور به سڄي دنيا ۾ ملڪ جو هر فورم تي دفاع ڪن ٿا ان تي به اوهان کي سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ ڊاڪٽرز، انجنيئرز، ڪاروباري ماڻهو ۽ پورهيت جنهن طريقي سان رات ڏينهن محنت ڪن ٿا، هي پاڪستان جون عظيم صفتون آهن جيڪي سڄي دنيا ۾ اوهان محنت، ديانتداري ۽ باوقار پاڪستاني خدمتون متعارف ڪرايون آهن. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين کي 10 مئي جي فتح ۽ عظيم ڪاميابي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي اها فتح آهي جنهن دشمن کي اهو سبق سيکاريو جيڪو هو سڄي زندگي ياد رکندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا ته مون ڪاڪول ۾ بيان ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جو ان واقعي سان پري پري تائين جو به واسطو ناهي ۽ مون اعلان ڪيو ته هڪ عالمي ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پهلگام واقعي جي شفاف جاچ ڪري پر اسان جي پاڙيسري ملڪ ڪو به جواب ڏنو، پر 6 مئي تي دشمن پاڪستان خلاف حملو ڪيو ۽ بيگناهه پاڪستانين ۽ مسجدن ۽ شهرين جي ملڪيتن تي حملا ڪري نقصان پهچايو جنهن تي پاڪستان کي پنهنجي دفاع ۾ ڪارروائي ڪرڻي پئي ۽ هڪ جهٽڪي ۾ دشمن جا 6 جهاز ڪيرائي ڇڏيا. دشمن کي ڪجهه ڪلاڪن ۾ خبر پئجي وئي ته جيڪڏهن ڳالهه نڪتي تي تمام پري تائين هلي ويندي، منجهند اڍائي وڳي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير جو مون کي فون آيو ۽ چيو ته جناب وزيراعظم اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته دشمن اسان تي ٻيهر حملو ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جناب وزيراعظم مون کي اجازت ڏيو، دشمن جيتوڻيڪ ٻيهر مڪرو حرڪت ڪئي آهي،ان کي اهڙو سبق سيکارينداسين ته هو سڄي زندگي ياد رکندو. وزيراعظم چيو ته هاڻي مان ڪجهه عرب دوست ملڪن مان ٿي آيو آهيان، اتي هڪ ملڪ جي سربراهه مون کان پڇيو ته اهي ڪهڙيون ٻه ڳالهيون آهن جيڪي پاڪستان جي عظيم فتح جون سبب بڻيون، جنهن تي مون جواب ڏنو ته هڪ سبب پاڪ فوج جي دليري، شجاعت ۽ پيشيوراڻي مهارت، الله تعاليٰ تي ڀروسو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جديد ۽ اعليٰ سطح جي تربيت ۽ ٻيو سياسي ۽ عسڪري قيادت جي سوچ ۾ مڪمل اتحاد، هم آهنگي ۽ جيڪا ٽئين ڳالهه جيڪا مون انهن کي چئي ۽ ٻڌايو ته هو پختو عزم ته اسان پوئتي مڙي نه ڏٺو. وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان جنگ جي اڳواڻي ڪئي، ان جي بري فوج جي جوانن ۽ آفيسرن پنهنجي اعليٰ ترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ اسان جي شاهينن ۽ ايئر چيف ظهير احمد بابر بهترين انداز ۾ دشمن تي ضابطو آندو ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان کي اها ڪاميابي عطا ٿي جنهن جو ويجهڙ جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ڪراچي کان پشاور تائين سجدو ڪري رهيه ئي ۽ الله تعاليٰ عظيم پاڪستانين کي اها فتح ڏني ته اڄ اولهه جي ملڪن کان اوڀر تائين جا ماڻهو پاڪستان جي سائي پاسپورٽ کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته اسان عظيم پاڪستانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته هن حق جي ويڙهه جي آپريشن ۾ جنهن کي اسان آپريشن بنيان مرصوص چئون ٿا، ان دوران دشمن جو هڪ گولو ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس جي گهر ويجهو اچي لڳو جنهن جي نتيجي ۾ سندس معصوم پٽ ارتضيٰ عباس شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ليفٽيننٽ ڪرنل ظهير عباس لائن آف ڪنٽرول تي پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو هو. وزيراعظم چيو ته مون صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان معصوم شهيد جو جنازو پڙهيو، شهيد جو چهرو گل وانگر ٽڙيل هو، وزيراعظم چيو ته اسان ان بزدلاڻي حرڪت جو ڀرپور بدلو ورتو، جنگ بندي ٿي چڪي، هاڻي اسان امن چاهيون ٿا، ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا ۽ پاڪستان اندر بيروزگاري جو خاتمو ۽ سيڙپڪاري چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان اها آڇ ڪيترائي ڀيرا دنيا آڏو رکي آهي دنيا اسان جي ڳالهه ٻڌي آهي. وزيراعظم چيو ته مون اها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا چئي ته اسان ڪشمير مسئلي، پاڻي جي مسئلي، واپار ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي برابري جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا، وزيراعظم چيو ته اسان خطي ۾ پاڙيسري ملڪ آهيون ۽ اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسان کي امن سان رهڻو آهي يا تڪراري پاڙيسرين وانگر رهڻو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اسان جي دلي خواهش آهي ته اسان عزت ۽ وقار سان رهون پر ان لاءِ ڪشمير جو مسئلو ٿيڻ هڪ بنيادي ٿنڀ آهي. جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ٿو ته ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ گڏيل لاڳاپا قائم ٿي سگهن ٿا ته اهو احمقن جي جنت ۾ رهي، ڪشميرين جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو، اهڙي طرح غزه ۾ جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ڪيو پيو وڃي، فلسطين ۽ غزه اندر 64 هزار بزرگ، مائرون ، ڀينرون ۽ ٻار شهيد ٿيا، انهن جي خوراڪ ۽ دوائون بند ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته مان سمجهان ٿو ته غزه جي پٽي جي علائقي جي تناسب سان 64 هزار شهادتون ايتري خطي اندر ڪڏهن به نه ٿيون، ايتريون زندگي ڪڏهن تباهه نه ٿيون، اسان جي اکين اهڙا ڏکوئيندڙ منظر ڪڏهن به نه ڏٺا. وزيراعظم چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن خطن ۾ ٻيهر امن قائم ٿيڻ گهرجي ۽ اسلامي دنيا کي اڳتي وڌي امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ گهرجي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪڏهن به ڪا قوم محنت ۽ محنت کانسواءِ مٿانهون مقام حاصل نٿي ڪري سگهي. اسان جي اها فتح الله تعاليٰ جو خاص انعام ۽ پاڪ فوج جي عظيم ولولي، شجاعت ۽ عسڪري قيادت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو دليراڻو ۽ مڃيل ڪردار جنهن سبب الله تعاليٰ اسان کي اها فتح نصيب ڪئي. وزيراعظم چيو ته مان اڄ هتي اها ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي ساڍا 38 ارب ڊالرن جي ڏيهه موڪليل ناڻي کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جو ڦيٿو اڳتي نٿو وڌي سگهي ۽ انشاءُ الله سمنڊ پار پاڪستاني ان کي اڳتي وڌائيندا. وزيراعظم چيو ته اسان کي قرضن مان نجات حاصل ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، جتي اسان پاڪستان کي عظيم عسڪري طاقت بڻايو، اتي هاڻي ان کي معاشي طاقت بڻائينداسين ته اسان کي به دنيا اڳتي وڌي اهو احترام ڏيندي جيڪو ٻين کي ملي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي قوم وڏي عظيم ۽ بهادر آهي ۽ پاڪستان جي آبادي جو 60 سيڪڙو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي. وزيراعظم چيو ته چين جي چوڻي آهي ته هر چئلينج موقعو ڏي ٿو جتي 15 کان 30 سالن جي اسان جي نوجوانن تي ٻڌل 60 سيڪڙو آبادي جو حصو هڪ چئلينج آهي اتي هي هڪ موقعو به آهي ته اسان پنهنجي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، پيشيوراڻي تربيت ۽ ووڪيشنل ٽريننگ فراهم ڪريون، پاڪستان ان جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ تيل ۽ گئس جا تمام گهٽ ذخيرا آهن، اسان جو اثاثو اسان جي نوجوان نسل آهي جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوان نسل کي بهترين تربيت ۽ علم سان تيار ڪنداسين ته هي پاڪستان ۽ ان جي جهنڊي کي آسمان تائين کڻي ويندا. ڇاڪاڻ ته صرف ۽ صرف محنت ئي اها ڳالهه آهي جنهن سان قومون بڻجن ٿيون ۽ سمنڊ پار پاڪستاني عظيم سفير آهن، پاڪستاني قوم عظيم قوم آهي ۽ جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري وٺون ته اسان کي غربت جو خاتمو ڪرڻو آهي ته جهڙي طرح دشمن جا 6 جهاز تباهه ڪيا اهڙي طرح غربت جو خاتمو به ڪري ڏيکارينداسين۔ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان اهو فيصلو ڪري وٺون ته اسان پاڪستان کي قرضن مان نجات ڏيارينداسين ته الله تعاليٰ جو قسم هي مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناهي ان لاءِ صرف ۽ صرف ارادي جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان سندرو ٻڌي وٺون ۽ هي فيصلو ڪري وٺون ته ڏينهن رات محنت ڪنداسين ته الله تعاليٰ اسان کي اهو مقام عطا ڪندو جيڪو پاڪستان ٺهڻ وقت قائداعظم جي عظيم تحريڪ ۾ شامل لکين مسلمانن قربانيون ڏئي حاصل ڪيو ۽ رت جو دريا پار ڪندي پنهنجا گهرٻار ڇڏي اکين ۾ خواب کڻي نڪري پيا ته اسان پاڪستان وڃي رهيا آهيون ۽ هندو انگريز سامراج کان نجات حاصل ڪري ان ملڪ ۾ وڃي رهيا آهيون جتي اسان کي صرف ۽ صرف ميرٽ، محنت ۽ ديانت جي بنياد تي موقعا ملندا جيڪو قائداعظم جو خواب هو، وزيراعظم چيو ته اسان گڏجي اهي پاليسيون جوڙي رهيا آهيون ته قرضن کان نجات حاصل ڪنداسين ۽ سيڙپڪاري کي اڳتي آڻينداسين ۽ پاڪستان کي عظيم بڻائينداسين جنهن لاءِ ڪجهه پاليسين جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه ٿي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته سياسي ۽ عسڪري قيادت متفق آهن ته اسان هن ملڪ کي عظيم بڻائينداسين ۽ مون کي يقين آهي ته اسان ڪري ڏيکارينداسين. تقريب کي بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ اوورسيز پاڪستانين فائونڊيشن جي چيئرمين قمر رضا به خطاب ڪيو، جڏهن ته تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سمنڊ پار پاڪستانين شرڪت ڪئي.










