اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 کان 26 سيپٽمبر 2025ع تائين نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. ساڻس گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ٻيا وزير ۽ سينئر اختياريون به هونديون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري …
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن کي اجاگر ڪندو: پرڏيهي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 22 کان 26 سيپٽمبر 2025ع تائين نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. ساڻس گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ٻيا وزير ۽ سينئر اختياريون به هونديون. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ عوام جي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ ۽ ڊگهي عرصي کان قبضي جي مسئلن جو فوري حل ڪڍڻ، خاص ڪري غزه جي سنگين بحران طرف دنيا جو ڌيان ڇڪائيندو ۽ فلسطيني عوام جون تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف علائقائي سلامتي، ماحولياتي تبديلي، دهشتگردي، اسلامو فوبيا ۽ پائيدار ترقي جهڙن اهم عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف به پيش ڪندو.وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترين ئي اعليٰ سطحي تقريبن ۾ به شريڪ ٿيندو جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس، گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو جي اعليٰ سطحي گڏجاڻي ۽ ماحولياتي قدمن تي خاص اجلاس شامل آهن. هو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ اسلامي ملڪن جي چونڊيل اڳواڻن سان گڏ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان به ملاقات ۾ شريڪ ٿيندو. اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم مختلف عالمي اڳواڻن ۽ گڏيل قومن جي اعليٰ اختيارين سان ٻه طرفيون ملاقاتون به ڪندو، جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪندو. هو پاڪستان جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان تڪرارن جي روڪٿام، امن کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي خوشحالي لاءِ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرآمد جي عزم کي به اجاگر ڪندو. وزيراعظم جي اها شرڪت عالمي اڳواڻن جي سڀ کان وڏي سالياني ميڙاڪي ۾ پاڪستان جي گهڻ رخي نظام ۽ گڏيل قومن سان مضبوط وابستگي جي عزم کي اجاگر ڪندي ۽ امن ۽ ترقي جي گڏيل مقصدن لاءِ پاڪستان جي پراڻي ڪردار کي نمايان ڪندي.










