واشنگٽن -21 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي، ته بگرام ايئر بيس جو ڪنٽرول امريڪا کي واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ افغانستان کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن بگرام ايئر بيس کي واپس وٺڻ لاءِ فوج موڪلڻ جي امڪان کي رد ڪرڻ کان به انڪار ڪيو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان …
بگرام ايئر بيس جو ڪنٽرول واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ افغانستان کي ” ڏکين حالتن“ کي منهن ڏيڻو پوندو: صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي

مزید خبریں
واشنگٽن -21 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي، ته بگرام ايئر بيس جو ڪنٽرول امريڪا کي واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ افغانستان کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن بگرام ايئر بيس کي واپس وٺڻ لاءِ فوج موڪلڻ جي امڪان کي رد ڪرڻ کان به انڪار ڪيو. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان بگرام ايئر بيس آمريڪا، جنهن اهو ٺاهيو هو، کي واپس نه ڏنو ته ان جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. آمريڪي صدر خميس ڏينهن چيو هو ته آمريڪا 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملن کان پوءِ آمريڪي فوج جي استعمال هيٺ بگرام اڏي جو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جمعي تي صحافين کي ٻڌايو هو ته ان بابت افغانستان سان ڳالهيون هلي رهيون آهن جڏهن ته افغان اختيارين آمريڪا جي هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ موجودگي جي مخالفت ڪئي آهي.










