رياض -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جنرل اسيمبلي اجلاس دوران اي آءِ ايونٽ جي گڏيل ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي (سدايا) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس دوران مصنوعي ذهانت تي هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل قومن ۽ ڪينيا سان گڏيل ميزباني ڪندو. تقريب ۾ عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن جي ذميوارن کان …
سعودي عرب جنرل اسيمبلي اجلاس دوران اي آءِ ايونٽ جي گڏيل ميزباني ڪندو

مزید خبریں
رياض -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جنرل اسيمبلي اجلاس دوران اي آءِ ايونٽ جي گڏيل ميزباني ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي (سدايا) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس دوران مصنوعي ذهانت تي هڪ اعليٰ سطح جي اجلاس جي گڏيل قومن ۽ ڪينيا سان گڏيل ميزباني ڪندو. تقريب ۾ عالمي شهرت يافته ماهرن ۽ پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن جي ذميوارن کان علاوه اعليٰ اختياريون به شرڪت ڪنديون. ان ايونٽ ۾ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان عالمي رجحانن ۽ انهن جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. سدايا جي نائب صدر انجنيئر سامي بن عبدالله مقيم وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وفد ۾ مختلف فني ۽ تحقيقي شعبن جا ماهر شامل آهن، جيڪي پائيدار ترقي، سيڪيورٽي ۽ جدت ۾ مصنوعي ذهانت جي ڪردار تي ڳالهائيندا. اهي قدم عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي پاليسي سازي ۾ سعودي عرب جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪن ٿا جيڪي ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت جي مستقبل جي جوڙجڪ ۽ ويزن 2030ع جي هدفن جو حصو آهن.










