سعودي عرب يمن کي 368 ملين ڊالرز اضافي اقتصادي امداد فراهم ڪندو

رياض -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب يمن کي 368 ملين ڊالرز جي اضافي اقتصادي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها گرانٽ يمن جي نئين سر ترقي ۽ تعمير واري سعودي پروگرام ذريعي ڪئي ويندي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان يمن جي عوام جي امداد لاءِ سفارش کي منظور ڪيو آهي. يمن جي صدارتي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر …

رياض -21 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب يمن کي 368 ملين ڊالرز جي اضافي اقتصادي امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها گرانٽ يمن جي نئين سر ترقي ۽ تعمير واري سعودي پروگرام ذريعي ڪئي ويندي. شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان يمن جي عوام جي امداد لاءِ سفارش کي منظور ڪيو آهي. يمن جي صدارتي ڪائونسل جي سربراهه ڊاڪٽر رشاد محمد العليمي  يمن جي عوام کي درپيش شديد مالي مشڪلاتن جي حوالي سان امداد جي درخواست ڪئي هئي. سعودي عرب جي شاهي ايوان پاران جاري حڪمن ۾ چيو ويو آهي ته اضافي امداد يمن جي نئين سر تعمير واري پروگرام لاءِ منظور ڪئي وئي آهي اها امداد حڪومت جي بجيٽ ۾ مددگار ۽ عدن ۾ شهزاده محمد بن سلمان اسپتال جي آپريشنل بجيٽ کي پورو ڪندي، جنهن سان يمن جي حڪومت جي اقتصادي سڌارن کي هٿي ملندي.

مزید خبریں