صدر آصف علي زرداري سان سيرين ايئر جي مالڪ ۽ سي اي او جي ڪاشغر ۾ ملاقات، پاڪستان ۾ ڪمپني جي مستقبل جي منصوبن بابت آگاهي

ڪاشغر-20 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري سان سيرين ايئر جي مالڪ ۽ سي اي او ڊاڪٽر يونچون يانگ ڪاشغر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ آپريشنز لاءِ ايئر لائين جي مستقبل جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته سيرين ايئر کي پنهنجي ٻيڙي ۾ جهازن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايئر لائين …

ڪاشغر-20 سيپٽمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري سان سيرين ايئر جي مالڪ ۽ سي اي او ڊاڪٽر يونچون يانگ ڪاشغر ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ آپريشنز لاءِ ايئر لائين جي مستقبل جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته سيرين ايئر کي پنهنجي ٻيڙي ۾ جهازن جي انگ ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايئر لائين جي نيٽ ورڪ ۽ رابطي کي مضبوط ڪري سگهجي. ڊاڪٽر يونچون يانگ ڪيليفورنيا يونيورسٽي کان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، هو چين ۾ هڪ لسٽڊ سيمي ڪنڊڪٽر ڪمپني جو باني ۽ صدر آهي جنهن جون سوئيڊن ۽ آمريڪا ۾ ذيلي ڪمپنيون آهن. هن صدر مملڪت کي پاڪستان ۾ سيرين ايئر جي آپريشنز ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي پنهنجي عزم جي خاطري ڪرائي. سيرين ايئر پاڪستان جي ايوي ايشن سيڪٽر ۾ پهرين چيني نجي سيڙپڪار ۽ بيجنگ لاءِ اڏامون هلائيندڙ پهرين نجي پاڪستاني ايئر لائن آهي. ڊاڪٽر يانگ جي ايف 17 ايو يونڪس تي پاڪ فضائيه سان ڪمپني جي حصيدار منصوبن تي به روشني وڌي. ملاقات ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ چين ۾ پاڪستان جو سفير ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير به موجود هئا.

مزید خبریں