عالمي برادري اسرائيل ۽سندس قبضي هيٺ اولهندي ڪناري جي مرحليوار الحاق کان نه گهٻرائي: گڏيل قومون

نيويارڪ -20 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته دنيا کي اسرائيل ۽ سندس قبضي هيٺ اولهندي ڪناري جي مرحليوار الحاق کان گهٻرائڻ نه گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا کي ڏنل انٽرويو  ۾ هن چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو پيو وڃي اهو انتهائي خوفناڪ آهي، اها موت ۽ تباهي جي بدترين سطح آهي، جيڪا …

نيويارڪ -20 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي، ته دنيا کي اسرائيل ۽ سندس قبضي هيٺ اولهندي ڪناري جي مرحليوار الحاق کان گهٻرائڻ نه گهرجي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ ميڊيا کي ڏنل انٽرويو  ۾ هن چيو ته غزه ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو پيو وڃي اهو انتهائي خوفناڪ آهي، اها موت ۽ تباهي جي بدترين سطح آهي، جيڪا هن پنهنجي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ يا شايد پنهنجي زندگي ۾ ڏٺي هجي. انتونيو گوتريش چيو ته ڏڪار، صحت جي سهولتن جو مڪمل فقدان ۽ مناسب پناهه گاهن کان سواءِ زندگي گذارڻ جهڙيون حالتون فلسطيني عوام جي تڪليفن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي جوابي ڪارروائي جي خطري کان گهٻرائڻ نه گهرجي. هن اسرائيلي فوجي ڪارروائين جوي حوالو ڏيندي چيو ته اسان جيڪي ڪري رهيا آهيون اهو اسان ڪيون يا نه ڪيون پوءِ به اهي ڪارروائيون جاري رهنديون پر عالمي برادري کي متحرڪ ڪري دٻاءُ وجهڻ اڻٽر آهي ته جيئن وڌيڪ تباهي کي روڪي سگهجي. گڏيل قومن آگسٽ جي آخر ۾ اندازو لڳايو هو ته غزه شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهو رهن ٿا جڏهن ته اسرائيل جو چوڻ آهي ته ان مان لکين ماڻهو سڀ کان وڏي شهر مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.

مزید خبریں