جده -20 سيپٽمبر (اي پي پي)خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي بهتر خدمتن واري پروگرام جي گڏيل شراڪت سان پنجين حج ڪانفرنس ۽ نمائش جو بندوبست 9 کان 12 نومبر 2025ع تائين جده سپر ڊوم ۾ ٿيندو جنهن جو عنوان مڪي کان دنيا تائين رکيو ويو آهي. ميڊيا موجب گذريل ڪانفرنسن جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي هن ڀيري …
”مڪي پاڪ کان دنيا تائين“ جي عنوان سان پنجين حج ڪانفرنس ۽ نمائش 9 کان 12 نومبر تائين جده ۾ منعقد ٿيندي

مزید خبریں
جده -20 سيپٽمبر (اي پي پي)خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستي ۾ سعودي حج ۽ عمري واري وزارت جي بهتر خدمتن واري پروگرام جي گڏيل شراڪت سان پنجين حج ڪانفرنس ۽ نمائش جو بندوبست 9 کان 12 نومبر 2025ع تائين جده سپر ڊوم ۾ ٿيندو جنهن جو عنوان مڪي کان دنيا تائين رکيو ويو آهي. ميڊيا موجب گذريل ڪانفرنسن جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي هن ڀيري پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. پنجين ڪانفرنس ۾ 80 کان وڌيڪ سيشنز ۽ 60 ورڪشاپس ٿيندا جن ۾ سڄي دنيا مان تعليمي، تحقيقي، سفارتي ۽ حج معاملن جا ماهر شريڪ ٿيندا، ان کان علاوه 2400 کان وڌيڪ ماڻهن کي خصوصي تربيت به ڏني ويندي. چوٿين ڪانفرنس ۾ 137 ملڪن مان 220 کان وڌيڪ ادارن شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي ۽ 670 کان وڌيڪ معاهدن تي صحيحيون ڪيون ويون هيون جن جا اثر گذريل حج سيزن ۾ خدمتن جي معيار ۾ واضح طور نظر آيا. پنجين ڪانفرنس سان گڏ هڪ وسيع نمائش جو به بندوبست ڪيو ويندو جيڪا 52 هزار چورس ميٽرن تي پکڙيل هوندي جنهن ۾ 260 کان وڌيڪ قومي ۽ عالمي ادارا شرڪت ڪندا. نمائش ۾ انوويشن زون به شامل هوندو جتي 15 نيون ڪمپنيون ۽ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي 3 اهم چئلينجنز تحت حج خدمتن لاءِ تخليقي حل پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. وزارت سڄي دنيا جي ماهرن، تحقيق ڪندڙن ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏيندي چيو آهي، ته هو اداري جي ويب سائيٽ ذريعي رجسٽريشن ڪرائي ان عالمي ايونٽ جو حصو بڻجي سگهن ٿا.










