پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ تاريخي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو گڏيل عزم جو عڪاس آهي

اسلام آباد  - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ تاريخي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي خطي ۾ سلامتي، امن ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود رياض ۾ ان تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون، وزيراعظم جو اهو دورو 15 سيپٽمبر …

اسلام آباد  – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪ تاريخي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدو ٻنهي ملڪن جي خطي ۾ سلامتي، امن ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود رياض ۾ ان تاريخي معاهدي تي صحيحون ڪيون، وزيراعظم جو اهو دورو 15 سيپٽمبر تي دوحا ۾ منعقد هنگامي عرب – اسلامي سربراهي اجلاس جي پس منظر ۾ ٿيو جيڪو قطر تي اسرائيلي فضائي حملن کانپوءِ گهرايو ويو هو، وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي ۽ فلسطيني ڪاز سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم ۽ قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، صدر آصف علي زرداري جي چين جي جاري دوران دوران زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ ماحولياتي تعاون جي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اهو معاهدو 17 سيپٽمبر تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي وچ ۾ سرڪاري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ طئي ٿيو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن اٽڪل 8 ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي تصديق ڪئي جيڪا اسلامي يڪجهتي، گڏيل قدرن ۽ ويجهي دفاعي تعاون تي ٻڌل آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ان معاهدي تحت ٻنهي ملڪن مان ڪنهن هڪ تي به ڪئي ويندڙ جارحيت کي ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو جنهن سان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل دفاع جي عزم جي وسعت واضح ٿئي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي صحتيابي ۽ سعودي عرب جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي پرجوش استقبال ۽ فراخدلي تي ڀرپور ٿورا مڃيا. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پڻ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته وزيراعظم جو اهو دورو 15 سيپٽمبر تي دوحا ۾ منعقد ٿيندڙ هنگامي عرب – اسلامي سربراهي اجلاس جي پس منظر ۾ ٿيو جيڪو قطر تي اسرائيلي فضائي حملن کانپوءِ گهرايو ويو هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير، اطلاعات واري وزير ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت ٻين سينيئر اهلڪارن پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته وزيراعظم اجلاس کي خطاب ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي ۽ فلسطيني ڪاز سان پاڪستان جي اڻٿڪ عزم ۽ قطر ۽ ٻين مسلمان ملڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو جن کي بنا جواز جارحيت جو نشانو بڻايو ويو. هن گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسرائيلي ڪاررواين تي فوري بحث جي لاءِ پاڪستان جي مطالبي تي روشني وڌي ۽ ”وڌندڙ اسرائيلي جارحيت“ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسلامي اتحاد جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ اختيار ڪيل گڏيل پڌرنامي ”عالمي قانون ۽ انساني حقن جي اسرائيلي خلاف ورزين جي لاءِ ان کي ذميوار قرار ڏيڻ جي لاءِ 50 کان وڌيڪ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل عزم“ جو مظاهرو ڪيو. اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير، سعودي ولي عهد، اردن جي بادشاهه ۽ مصر ۽ ايران جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون جنهن سان پاڪستان جي سفارتي پهچ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. ترجمان سفارتي مصروفيتن تي پڻ بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري جو چين جو جاري دورو شامل آهي، جتي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ ماحولياتي تعاون جي معاهدن تي صحيحون ٿيون، جڏهن ته نائب وزيراعظم جي مصر، جرمني ۽ آمريڪا جي پنهنجي هم منصبن سان تازي ٽيليفونڪ رابطن تي پڻ روشني وڌي وئي. ترجمان پڄاڻي تي سعودي عرب، چين ۽ ٻين اتحادين سان پنهنجي تاريخي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جي ٻيهر تصديق ڪئي جڏهن ته فلسطين ۽ ڪشمير ۾ خاص طور تي مظلوم عوام جي لاءِ امن، خودمختياري ۽ حقن جي اصولي حمايت کي برقرار رکيو.