وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ اسڪلز سينٽر قائم ٿيندا: هارون اختر خان

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ اسڪلز سينٽر قائم ٿيندا. هن اها ڳالهه ٽيڪنالاجي اپ گريڊيشن اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ ڪمپني (ٽي يو ايس ڊي اي سي) ۽ پاڪستان انڊسٽريل ٽيڪينڪل اسسٽنس سينٽر (پي آءِ ٽي اي سي) جي سي اي اوز سان اعليٰ سطحي …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ اسڪلز سينٽر قائم ٿيندا. هن اها ڳالهه ٽيڪنالاجي اپ گريڊيشن اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ ڪمپني (ٽي يو ايس ڊي اي سي) ۽ پاڪستان انڊسٽريل ٽيڪينڪل اسسٽنس سينٽر (پي آءِ ٽي اي سي) جي سي اي اوز سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هارون اختر خان ٽي يو ايس ڊي اي سي کي اهم ذميواريون سونپيون جن ۾ مائننگ اينڊ منرل پروسيسنگ ٽيڪنالاجي سينٽر، ويمن ڊجيٽل اسڪلز ڊولپمينٽ سينٽر ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڊجيٽل ٽوئن سينٽر جو قيام شامل آهن. اهي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب پاڪستان جي صنعتي ۽ فني ڍانچي کي جديد رخن تي اختيار ڪرڻ لاءِ آهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سي فوڊ پراسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ اسٽوريج پلانٽس سان گڏوگڏ جديد ذبح خانه ۽ گوشت جي پراسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ اسٽوريج سهولتون به قائم ڪيون وينديون. خاص مددگار ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽي يو ايس ڊي اي سي ۽ پي آءِ ٽي اي سي ترقي يافته ملڪن جي جديد ماڊلز مان سکن ۽ انهن مهارتن ۽ ٽيڪنالاجيز کي پاڪستان ۾ لاڳو ڪن. پنهنجي پرڏيهي دورن جو حوالو ڏيندي هارون اختر خان چيو ته هن ترقي يافته ملڪن ۾ جديد آرٽيفيشل انٽيلي جنس ادارا ڏٺا آهن ۽ پي آءِ ٽي اي سي کي انهن مان سکي اهي مهارتون پاڪستان ۾ آڻڻيون پونديون. مصنوعي ذهانت سڄي دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي به ان رفتار سان اڳتي وڌڻو پوندو، هن چيو ته ازبڪستان جي ٽيڪنو پارڪ ۾ هن جديد شيون ڏٺيون، سولر واٽر هيٽر ۽ پري پيڊ گئس ۽ بجلي بل جي نظام جهڙا آئيڊياز متاثر ڪندڙ آهن. اهڙا قدم پاڪستان ۾ به متعارف ڪرائڻ گهرجن. هن گجرانوالا ۾ هڪ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر جي به قيام جو اعلان ڪيو ته جيئن صنعتي جدت ۽ ترقي کي هٿي ڏئي سگهجي. پي آءِ ٽي اي سي جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هارون اختر خان چيو ته شاگردن کي عالمي مارڪيٽ موجب قابل بڻائڻ لاءِ جديد هنر ۽ انگلش ڪورسز کي متعارف ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته جديد مهارتون مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ هڪجهڙيون اهم آهن ته جيئن اهي روزگار حاصل ڪري سگهن ۽ عالمي سطح تي مقابلو ڪري سگهن.