سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي وڪيل جا دليل مڪمل، ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي وڪيل خالد جاويد دليل مڪمل ڪري ورتا،  ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪالهه سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ٽيڪس ڏيندڙن جو وڪيل خالد جاويد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي هيٺ سپر ٽيڪس بابت ڪيس ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي وڪيل خالد جاويد دليل مڪمل ڪري ورتا،  ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪالهه سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ٽيڪس ڏيندڙن جو وڪيل خالد جاويد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل جاري رکندي موقف اختيار ڪيو ته ڪو به ماڻهو چئي ڇڏي ته مان 5 سئو ملين منافعو ڪمائي رهيو آهيان ۽ 10 سيڪڙو ٽيڪس ڏيندس، جيڪڏهن ڪو اهو چئي ڇڏي ته مان 5 هزار ملين ڪمائي رهيو آهيان پر ٽيڪس 4 سيڪڙو ڏيندس، فور سي ٽي ٽيڪس لڳندو پر 10 سيڪڙو نه، 4 سيڪڙو لڳندو، صرف انڪم تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ قانون متعارف ڪرايو ويو، صرف هڪ سبب جيڪو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وقت ڏنو ويو ته بزنس ڪميونٽي منافعو وڌيڪ ڪمائي ٿي. جسٽس جمال خان ٻڌڻي دوران آرٽيڪل جي حُوالي سان هڪ نقطو اٿاريو هو، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته مان پنهنجا لفظ واپس به وٺي سگهان ٿو، خالد جاويد خان چيو ته ڪاروبار ۽ منافعي کي ڌار ڌار ٽريٽ ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اهي ڌار شيون آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسٽرائيڪ ڊائون ڪيو هو ته اسان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. 2023ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ محدود گرائونڊز هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ 2 فائنڊنگز بڻجي چڪا آهن، ٽيڪس پيرز جي وڪيل خالد جاويد جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي روسٽرم تي گهرايو، جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته عامر رحمان اوهان کي لکت ۾ موقف ڏيڻو هو، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته مان گذريل ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ نه هئس، اڄ يا سڀاڻي مان ڪري ڇڏيندس، درخواستگذارن جي وڪيل احمد سکيرا روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته مخدوم علي خان مون کي هڪ موقعو ڏنو آهي مان ان مان فائدو کڻندس، خالد جاويد کانپوءِ دليل مان ڏيندس، لکت ۾ موقف نه ملندو ته سومر تي دليل ڏيندس. جسٽس امين الدين خان پڇيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل اوهان لکت ۾ موقف ڪڏهن ڏيندا؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته مان سڀاڻي تائين ڏئي ڇڏيندس. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن سومر تي اها ئي بينچ نه رکيو ته مشڪل ٿي ويندو، هڪ تربيت سان هلي رهيا آهيون، اهو متاثر ٿيندو، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سومر تي احمد سکيرا دليلن جي شروعات ڪندو.