آر ايل اين جي، ايل پي جي جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو سستي آهي: وفاقي وزير علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته صاف ۽ سستي توانائي جي وڌندڙ عوامي گهرج کي پورو ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، آر ايل اين جي، ايل پي جي، جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو سستي آهي ۽ گهريلو استعمال لاءِ ٻارڻ جو هڪ محفوظ آپشن پڻ آهي، آر ايل اين جي تي منتقل ٿيڻ …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته صاف ۽ سستي توانائي جي وڌندڙ عوامي گهرج کي پورو ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، آر ايل اين جي، ايل پي جي، جي ڀيٽ ۾ اٽڪل 30 سيڪڙو سستي آهي ۽ گهريلو استعمال لاءِ ٻارڻ جو هڪ محفوظ آپشن پڻ آهي، آر ايل اين جي تي منتقل ٿيڻ نه رڳو توانائي جي ڪارڪردگي طرف هڪ قدم آهي پر گهراڻن کي اهم معاشي رليف به فراهم ڪري ٿو، هي قدم نون گهريلو گئس ڪنيڪشن جي فراهمي جي عوام جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ لاءِ کنيو پيو وڃي. اهڙو اظهار وفاقي وزير سڄي ملڪ ۾ گهريلو صارفين کي آر ايل اين جي (ريگيسيفائيڊ ليڪويفائيڊ نيچرل گئس)جا ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ جي جامع رول آٽ پلان جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پيٽروليم واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل گئس، آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي نمائندن، سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز لميٽيڊ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي گئس ڪمپنين جي مينيجنگ ڊائريڪٽرز حڪومت جي هدايت تي موثر عملدرآمد لاءِ هڪ تفصيلي حڪمت عملي پيش ڪئي. هنن ٻڌايو ته پهرين سال اندر نئين آر ايل اين جي وڌ کان وڌ گهريلو ڪينڪشن فراهم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ هاڻي ڪنيڪشن لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندا، صارفين روايتي طريقيڪار جي ابتڙ سوئي گئس ڪمپنين جي سرڪاري ويب سائيٽس ۽ موبائيل اپليڪيشنز ذريعي به درخواستون جمع ڪرائي سگهندا. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ٻنهي گئس ڪمپنين جي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي بنارنڊڪ سهولت کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ صارف دوست طريقيڪار جوڙين. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صاف ۽ سستي توانائي جي وڌندڙ عوامي گهرج کي پورو ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وفاقي وزير ان منصوبي جي موثر نگراني ۽ وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايس ايس جي ايل ۽ ايس اين جي پي ايل کي هڪ وقف پروجيڪٽ بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هي آفيسون درخواستن کان وٺي ڪنيڪشن تائين سڄي عمل جي ڪڙي نگراني جون ذميوار هونديون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائينديون ته هدف مڪمل ٿين ۽ عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهي درخواست ڏيندڙ جن پهرين ئي ڊمانڊ نوٽ لاءِ ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ان نئين قدم تحت آر ايل اين جي ڪنيڪشن لاءِ اهل بڻجڻ لاءِ سيڪيورٽي فيس سان گڏ فرق جي رقم جمع ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي شهرين کي پهچ جوڳي ۽ سستي توانائي فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي ڪوششن مان هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو. ان قدم کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميڊيا مهم تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں