اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد ھڪ لک 35 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ لک 35 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 800 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد ھڪ لک 35 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ لک 35 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي …
آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکرن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي جاري انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد ھڪ لک 35 ھزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ لک 35 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 20 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 هزار 800 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد ھڪ لک 35 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ لک 35 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 9 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 46 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 37 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1238.85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.025 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











